لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) اس??حڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان 6 سيپٽمبر ??وم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن سال اس??ن سڀني کي ??وم دفاع کي ”??وم وفا“ طور ملهائڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج سڄي قوم جو فخر آهي ۽ ”سپاه سان وفا“ ۾ ئي وطن عزيز جي بقاءَ آهي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع تي بهادر فوج دشمن کي سبق سيکاريندي جرئت ۽ بهادري جا جيڪي داستان لکيا آهن انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اس??ن جي جوانن گهٽ کان گهٽ وسيلن سان پاڻ کان وڏي دشمن کي ڪمزور ڪري ڏيکاريو. ملڪ اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو وچن ورجائي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن اس??ن سڀني جي رت کي گرمائي ٿو ۽ ملڪ لاءِ قربانين جي عزم کي تازو ڪري ٿو ۽ ??وم دفاع تي اس??ن سڀ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.