اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته روس سا?? مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي، پاڪستان روس سا?? واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اوورچڪ ۽ سندس وفد جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. روسي نائب وزيراعظم سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته روس سا?? مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان روس سا?? واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چي?? ته هو ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ روسي وزيراعظم مشسٽن جي استقبال جو منتظر آهي. وزيراعظم چي?? ته هن سا?? جولاءِ جي شروع ۾ سندس صدر ولادمير پيوٽن سا?? انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا. روسي نائب وزيراعظم اوورچڪ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ روس جي پاڪستان سا?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند قرار ڏنو. ٻنهي ڌريون باقاعده رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ روسي نائب وزيراعظم روس ۽ پاڪستان جي وچ م مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت گڏيل مفاد جي سمورن ??عب?? خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي فروغ ملندو.