اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ ??الد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ وڏي منافعي جي شرح ۽ گهٽ رسڪ جي سيڙپڪاري جي منزل بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي جيڪا ان کي سعودي سيڙپڪارن لاءِ انتهائي پُرڪشش هنڌ بڻائي ٿي. ڪالهه خميس ڏينهن پاڪس??ان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي سعودي وزير پاڪس??ان حڪومت جي قدمن ۽ اقتصادي سڌارن کي ساراهيندي خصوصي ون اسٽاپ شاپ، سنگل ونڊو سسٽم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ کي سيڙپڪاري جي عمل کي هموار بڻائڻ ۾ اهم عمل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪس??ان سعودي عرب بزنس فورم دورام ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 ارب ڊ??لر?? جي ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحيون متوقع آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ا??ي معاهدا منظم طريقي سان اڀريا آهن جيڪي سهولتڪاري جي مضبوط ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا. سعودي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ واپار جي عزم جو اعتراف ڪندي چيو ته ٻطرفي واپار ۾ پهرين ئي تقريبن 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 2019ع ۾ 3 ارب ڊ??لر?? کان وڌي اڄ 5.4 ارب ڊ??لر?? تائين پهچي ويو آهي. هن پاڪستاني سيڙپڪاري لائسنسن ۾ نمايان اضافي تي به روشني وڌي جيڪي ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي جيڪو سعودي حڪومت جي حوصلا افزائي جو ثبوت آهي. شيخ ??الد بن عبدالعزيز الفالح سعودي ولي عهد طرفان پاڪس??ان ۾ 5 ارب ڊ??لر?? جي سيڙپڪاري جي اعلان تي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ان??شا?? ڪيو ته ا??و اعلان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو سنڀالڻ کان جلدي پوءِ سعودي عرب جي دوري دوران ٿيو.هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي اسان جي وچ ۾ نمائندگي موجود آهي، اهو وفد نه رڳو پي آءِ ايف جي نمائندگي ڪري ٿو پر ان ۾ ايڪوا، ايڪوا پاور، تجديد جوڳي توانائي، منارا منرلز جهڙيون ڪيتريون ئي پورٽ فوليو ڪمپنيون به شامل آهن. سعودي عرب ۽ پاڪس??ان وچ ۾ اقتصادي ام??ان عملي طور تي لا محدود آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن ۽ پراڻي دوستي جي پائيدار مضبوطي جي عڪاسي ڪن ٿا.