اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سال?? حسين چيو آهي، ته پوري قوم کي سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ايمان جو بنيادي جزو آهي، دين جا اصل اڳواڻ عالم س??ورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوقون کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم س??ورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. گذريل ڏينهن انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري سال?? حسين عالم س??ورن سان ملاقات دورا?? ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو پوري قوم کي انتظار آهي، تفصيلي فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ايمان جو بنيادي ا??ڪو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالم س??ورن ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي آهي. اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي انهي مان نڪرڻو آهي. عالم س??ورن ۽ ٻين اڳواڻن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. دين جا اصل اڳواڻ عالم س??ورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوق کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم س??ورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. عالم س??ورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو. رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف گڏ ٿيڻو آهي. عالم س??ورا يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻ ته ان جو اثر ??ما?? گهڻو پوندو ۽ مضبوط پيغام ويندو، اسان کي اسلام جي نالي کي غلط استعمال ڪرڻ بند ڪرائڻو آهي، دهشتگردي بابت عالم س??ورن جي تجويزن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو. وفاقي وزير سان ملاقات ڪندڙن ۾ جمعيت اهل حديث جي اڳواڻ حافظ فاروق اعواڻ، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر آغا افتخار نقوي، عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ضيا الحق ۽ مولانا عمران عطاري شامل هئا.