اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي و??يراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائيشيا جي و??يراعظم کي سلامي ڏني. ملائيشيا جي و??يراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني و??ي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائيشيا جي و??يراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي و??ير ڄام ڪم??ل خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشيا جي و??يراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.