اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قد??ن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ برابري وارا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن معذور ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ حڪومتي عهديدارن، گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سماجي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. وفاقي وزير معذور ماڻهن کي مساوي م??قعا فراهم ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ ??اءِ انساني ترقي بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن ويزن 2025ع ۽ ويزن 2010ع تحت انساني ترقي ۽ مساوي م??قعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. احسن اقبال امن، سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مستقل سڌارن کي پائيدار ترقيءَ ??اءِ اهم ٿنب قرار ڏنو. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت انهن ٿنڀن کي قومي حڪمت عمليءَ ۾ شامل ڪيو ويو. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي فراهمي ۽ تعليمي ادارن ۾ ريمپ ۽ ٻين سهولتن جي دستيابي جي م??صوبي کي اجاگر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته روڊ?? اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن نور کان محروم پاڪستاني شاگردياڻي خنسا ماريا جهڙيون هوشيار شاگردياڻي ٻين معذور ماڻهن لاءِ همٿ جي علامت آهي. پروفيسر احسن اقبال گڏيل قومن جي حڪمت عملي سان هم آهنگيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت فائيو ايز فريم ورڪ تحت هر شهري کي مساوي م??قعا فراهم ڪرڻ جي عزم تي عمل پيرا آهي. هن معذوريءَ کي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي پاڪستاني معاشري کي اپيل ڪئي ته هر ماڻهو جي لِڪل صلاحيتن کي تسليم ڪيو وڃي. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي تقسيم جي حڪومتي م??صوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان پروگرام معذور شاگردن کي ان قابل بڻايو ته هو آزاداڻي طور تي لائبريرين، ڪلاس رومز ۽ ليبارٽرين تائين پهچي سگهن. ان منصوبي تحت تعليمي ادارن کي معذور شاگردن جي سهولتن لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ته جيئن انهن کي تعليمي م??دان ۾ به هڪجهڙا موقعا ملي سگهن. گڏيل قومن طرفان معذور ماڻهن جي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت جو عزم گڏيل قومن جي حڪمت عمليءَ سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن چيو ته اها حڪمت عملي حڪومت جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، جنهن جو مقصد هر شهريءَ کي مساوي م??قعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو اسان جو انساني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي ته ڪوبه شهري جسماني معذوري سبب پوئتي نه ??هجي وڃي. هن ويزن 2025ع جي حوالي سان ٻُڌايو ته مساوي ترقي نه ??رف حڪومت جي ترجيح آهي پر قومي معاشي ايجنڊا جو هڪ اهم ٿنڀ به آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ مساوي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جتي هر شهري م??ڪ جي ترقيءَ ۾ مڪمل حصو وٺي سگهي.