لاھور-13 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم ??واز شريف چيو آھي ته مھرباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي، خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. اربع ڏينهن مھرباني جي عالمي ڏھاڙ?? تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ مريم ??واز چيو ته ڪنھن جو حال اورڻ، ڪنھن کي دلاسو ڏيڻ ۽ مسڪرائي ڳالھائڻ به نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي سنت مبارڪه آھي، م??رباني اھڙي پوشيده طاقت آھي جنھن جو اثر دل ۾ محسوس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن، م??رباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي. ھن چيو ته خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ٿئي ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. مريم ??واز شريف وڌيڪ چيو ته ماڻھو مھرباني کي زندگي جو حصو بڻائين ته جيئن ايندڙ نسل کي بھتر دنيا ڏئي سگھجي.