اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مير عطاالله لانگو کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ ۽ ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چو??ڊن ۾ ڪاميابي وڪ??ل برادري جي فلاح ۽ بهبود جو سبب بڻجندي. وزيراعظم بار ايسوسيئيشن جي آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي وڪ??لن جي مفادن جي تحفظ ج?? عزم کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته نئين چونڊيل ٽيم ق??نوني پيشي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي ۽ ملڪ ۾ انصاف ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.