راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ج?? پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي ??ذر??، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي ??طا?? ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ميري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ تر??ي جي راهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان جي جي ڊي پي ۽ بحري شعبي جي تر??ي لاءِ نوان رستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ ج?? مقصد بحري ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ تر??ياتي مرڪز آهي جيڪو پاڪستان جي سامونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي تر??ي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.