اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ميچ ۽ سيريز ۾ ڪاميابي تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ٽيم ڏکڻ آفريقا کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي شاندار ڪارڪردگ?? جو مظاهرو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته رانديگرن ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪئي .محمد رضوان، بابر اعظم ۽ ڪامران غلام ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سيريز ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال ب??ند ٿيو آهي. اميد آهي ته چيمپئينز ٽرافي ۾ پڻ ٽيم اهڙي ئي ڪارڪردگ?? جو مظاهرو ڪندي.