اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفا??ي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۾ بزن?? کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اهم معام??ن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفا??ي وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پ??ڪس??ان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفا??ي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پ??ڪس??ان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفا??ي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفا??ي وزير چيو ته پ??ڪس??ان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.