لاهور-26 ڊسمبر (اي پي پي) اردو ٻولي جي نامياري ش??عر مرزا غالب جو 227هون جنم ڏهاڙو 27 ڊسمبر تي ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شه??ن ۾ ادبي حل??ن پاران تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن جن ۾ عظيم شاعر مرزا غالب کي سندس ادبي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. مرزا اسد الله غالب 27 ڊسمبر 1797ع ۾ ڀارت جي شه?? آگره ۾ پيدا ٿيو. هو اردو ٻولي جو عظيم شاعر هو جنهن پنهنجي ش??عري ذريعي اردو شاعري ۾ وڌيڪ نکار آندو. مرزا غالب پنهجي ش??عري ۾ انساني نفسيات ۽ گهرائي کي انتهائي خوبصورتي سان شامل ڪيو. مرزا اسد الله خان غالب 15 فيبروري 1896ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.