سعودي عرب يوم تاسيس تي خاص اميگريشن مهر جاري ڪري ڇڏي

image

رياض-23 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ يوم تاسيس جي موقعي تي اميگريشن واري اداري هڪ خاص مهر جاري ڪري ڇڏي آهي. ان مهر جو استعمال هوائي اڏن يا زميني سرحدي چوڪين تي ايندڙ مسافرن جي دستاويزن تي ڪيو ويندو. ايس پي اي مطابق يوم تاسيس جي موقعي تي جاري ٿيل اميگريشن مهر جو مقصد مملڪت جي 300 سالن جي تاريخ کي يادگار بڻائن آهي. هوڏانهن اميگريشن اينڊ پاسپورٽ واري اداري طرفان مملڪت جي مختلف عالمي هوائي اڏن ۽ سرحدي زميني چوڪين تي به يوم تاسيس جي حوالي سان خاص انتظامڪيا ويا آهن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری