اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بن??ادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آهي، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ بردا??ت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رهيو، سڄي ملڪ ?? احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا رڪاوٽ جاري رهندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل و??د سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.